شڪارپور: پوليس مقابلي ۾ 2 مبينا ڌاڙيل مارجي ويا

شڪارپور: پوليس مقابلي ۾ 2 مبينا ڌاڙيل مارجي ويا

شڪارپور (ن س) پوليس مقابلو، اغوا جي ڪوشش ناڪام، ٻه ڌاڙيل مارجي ويا. شڪارپور جي ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ موجب ٿاڻو ڳاهيجا جي حد ۾ آرائين لنڪ روڊ سم شاخ ڀرسان مبينا پوليس مقابل ٿيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻه ڌاڙيل مارجي ويا، جڏهن ته سندن ساٿي فرار ٿي ويا. مارجي ويل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ تلاش ڊيوائيس ذريعي ڪئي پئي وڃي. ڌاڙيلن، جھانگير ولد آفتاب منگريو نالي شھري کي اغوا ڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي. ايس ايڇ او ڳاهيجا اسٽاف سان گڏ فوري طور تي ڪارروائي ڪندي ناڪابندي ڪرائي. ڌاڙيلن ناڪابندي ڏسي پوليس تي سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي پوليس پاران جوابي فائرنگ ڪئي وئي، نتيجي ۾ ٻه ڌاڙيل مارجي ويا ۽ اغوا ٿيل شھري کي بچايو ويو. فرار ٿيل ڌاڙيل رات جي انڌاري جو فائدو وٺي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سندن گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون ٺاهيون ويون آهن. ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ پوليس مقابلي دوران بهادري ڏيکارڻ تي پوليس ٽيم کي شاباس ڏني آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو