شڪارپور مان 7 ڄڻا اغوا، گهرو وزير جو نوٽيس

شڪارپور مان 7 ڄڻا اغوا، گهرو وزير جو نوٽيس

شڪارپور (ن س )چڪ ڀرسان بچاء بند تي ويٺل ملڪ برادري جي گھرن تي ڌاڙيلن جي ڪاھ, فائرنگ جا ڌوڙيا, گھرن ۾ گھري زبردستي ڳوٺاڻن کي ھٿيارن جي زور تي ھڪ 6 سالن جي ٻار سميت 7 ڄڻن کي يرغمال بڻائي ورتو, عورتن جا ڪيھاٽ ۽ رڙيون ڪرڻ تي ڌاڙيلن جو سخت تشدد, بچل ڀيو ٿاڻو ويجھو ھجڻ باوجود ڪا به مزاحمت نه ڪئي,ڌاڙيل ڳوٺاڻن کي ڪچي طرف کڻي ويا, وارثن کي ڌاڙيلن پاران ڌاڙيلن جو نياپو,ايس ايس پي شڪاپور شاھزيب چاچڙ کي چئو ته اسان جي گھرن مٿان ڊرون حملا بند ڪري ۽ بي گناھ گرفتار ماڻھون ڇڏي ڏي,ٻي صورت ۾ اغوائن جو سلسلو وڌائيندي ۽ مغوين کي نقصان پھچائينداسين ، تفصيل موجب : گذريل رات دير سان چڪ ڀرسان بچل ڀيو ٿاڻي جي حد بچاء بند تي ويٺل ڳوٺ سکيو ملڪ واسي ڳوٺاڻن جي گھرن تي 15 کان مٿي ڌاڙيلن چوڌاري ڪنٽرول ڪري گھرن ۾ ننڊ ستل ڳوٺاڻن مٿان ھٿيار تاڻي کنڀڻ جي ڪوشش ڪرڻ تان عورتن جي ڪيھاٽن ۽ رڙين تي عورتن مٿان سخت تشدد ڪري گھرن ۾ بند ڪري ھڪ 6 سالن جي ٻار سلمان ملڪ ۽ ٻيا عزيزالله ملڪ,نور محمد ملڪ,فرمان ملڪ ,شفيع محمد ملڪ ,احسان ملڪ ۽ عبدالمجيد ملڪ سميت 7ڄڻن کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا ,ھوڏانھن ڌاڙيلن جي ڪاروائي بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھتي,انھيء موقعي تي وارثن ھزارو ملڪ ,ربنواز ملڪ ۽ ٻين دانھندي چيو ته اسين مسڪين غريب آھيون,روز ڪمائي کائڻ وارا آھيون, ڌاڙيل ڌمڪيون ڏئي ويا آھن,ته ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ کي نياپو ڏيو ته ڪچي ۾ اسان جي ڳوٺن مٿان ڊرون حملا ڪرڻ بند ڪري ,۽ گرفتار ماڻھن کي آزاد ڪري ٻي صورت ۾ اغوائن جو سلسلو وڌائيندايسن ۽ مغوين کي پڻ نقصان پھچائينداسين ميڊيا سان ڳالھيون ڪندي دانھيو آھي,ھوڏانھن مغوين جي گھرن ۾ راڄ روڙو ڇائنجي ويو آھي, بازيابي جو مطالبو ڪيو آھي ڌاڙيلن پاران اغوا ڪيل مغوين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي,جنھن ۾ ڌاڙيل مغوين تي ھٿيار تاڻي بيٺل آھن,۽ مغوين کان بيان ڏياريندي چيو ٿو وڃي,اسان جا ماڻھون بي گناھ آھن, ڄاڻي واڻي ظلم ڪري ڏوھاري بنائڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو, ايس ايس پي شڪارپور اسان جي گرفتار ماڻھن کي آزاد ڪري , ته اسان به مغوين۔کي بدلي ۾ آزاد ڪري ڇڏينداسين,ڌاڙيلن جي ڏنل ڌمڪي ڏني، ڌاڙيلن پاران ڪيل اغوا واري ڪاروائي بچل ڀيو ٿاڻو سڏ پنڌ تي ھجڻ باوجود پوليس ڪابه ڪاروائي نه ڪئي ۽ ٿاڻي اندر ويٺل رھيا,ڌاڙيلن جي ڪاروائص بعد اھلڪار واقعي واري ھنڌ پھتا، ياد رھي ته 4 مھينا اڳ پڻ بچل ڀيو ٿاڻي تي ڌاڙيلن ڪاھ ڪري اھلڪارن کي يرغمال بڻائي سرڪاري ھٿيار ڦر ڪري فرار ٿي ويا,جيڪي ھن مھل تائين ناھن ملي سگھيا,,انھيء موقعي تي ايس ايڇ او بچل ڀيو عبداستار بروھي کان صحافين پاران اغوا واري واردات جو موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھن موقف ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، مغوين جي وارث ھزارو ملڪ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته گھرن جي ڀرسان ٿاڻو ھجڻ باوجود پوليس ڪا به ڪاروائي ناھي ڪئي,۽ وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته پوليس نفري جي تمام گھڻي کوٽ آھي,ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪنداسين اسان جا اغوا ٿيل نوجوان صحيح سلامت بازياب ڪرائي ڏي

پهنجو تبصرو موڪليو