شڪارپور،ھٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

شڪارپور،ھٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

شڪارپور (ن س) ھٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص قتل، شڪارپور ضلعي جي تعلقي لکي غلام شاهه جي ڪچي واري علائقي ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ شخص قتل ٿي ويو. پوليس موجب قتل ٿيل شخص جي سڃاڻپ عبدالله مهر طور ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ابتدائي جاچ موجب هي واقعو مهر ۽ جتوئي قبيلن جي وچ ۾ هلندڙ پراڻي دشمني جو نتيجو ٿي سگهي ٿو. پوليس موجب، واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪري ڇاپا هنيا پيا وڃن. واقعي جي وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو