ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڊرامن جي مشهور ۽ بيحد مقبول اداڪارا صبور علي اداڪار علي انصاري سان پنهنجو رشتو پڪو ڪري ڇڏيو. بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ صبور چيو ته سجل علي منهجي ڀيڻ آهي اسين ٻئي اداڪاري ڪريون پيا ۽ اڪثر شائقين اسنکي هم شڪل به چوندا آهن. سندس چون هو ته هر اداڪارا جي پنهنجي سڃاڻپ هوندي آهي.

پاڪستاني ڊرامن مان منفي ڪردارن سبب شهرت ماڻيندڙ صبور چيو ته علي انصاري جي ڀيڻ مريم منهنجي ۽ سجل جي سٺي دوست آهي هوءَ اڪثر چوندي هئي ته سندس ڀاءُ سان شادي ڪريان هو تمام گهڻو خيال رکڻ واري شخص آهي ۽ جيڪا ڇوڪري ساڻس شادي ڪندي سدائين خوش رهندي.

مون ۽علي اڪثر ملاقاتن ۾ ذاتي زندگي بابت ڳالهائيندا هئاسين. مون علي کي چوندي هئس ته فلاڻي ڇوڪري ڀلي آهي ان سان شادي ڪر، منهنجي گارنٽي آهي پر هو چپ رهندو هو. صبور چيو ته رشتو ڪرائڻ ۾ مريم جو اهم ڪردار آهي ۽ جهٽ پٽ ۾ معاملو طئي ٿي ويو.










