ٺل(ن سنڌيار)ٺل ۾ وڌندڙ بدامني جي خلاف جي يو آء جو احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو،سخت نعريبازي، بدامني ختم ڪرائڻ جو مطالبو. ٺل ۾ وڌندڙ بدامني جي خلاف جي يو آء اڳواڻن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاء معطل ٿي وئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ٺُل تعلقي ۾ بدامني چوٽ چڙھيل آھي. پوليس گشت ڪرڻ بدران ٿاڻن تائين محدودو بڻيل آھي. جنهن سبب رهواسين جون ننڊون حرام آھن. ھُنن آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي لاڙڪاڻو کان مُطالبو ڪيو ته شھرين جون چوريون واپس ڪرائي وڌندڙ بدامني تي ضابطو آندو وڃي.ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ڊي آء جي لاڙڪاڻي جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.










