ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته فليٽ خريد ڪرڻ کان اڳ عمارت جي سڀني منظورين کي يقيني بڻايو وڃي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته لياري جي عمارت جو حادثو تمام گهڻو افسوسناڪ آهي، ڪوشش زندگيون بچائڻ جي هئي، عمارت جو ملبو هٽائڻ جو ڪم اڄ مڪمل ڪيو ويندو.هن اهو به چيو ته لياري عمارت حادثي تي هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي ۽ رپورٽن جو جائزو سڀاڻي اجلاس ۾ ورتو ويندو. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته آگره تاج ۾ گذريل رات خالي ڪيل عمارت ڪجهه سال اڳ ايس بي سي اي جي منظوري کان سواءِ ٺاهي وئي هئي. هن چيو ته اولڊ سٽي ايريا ۾ 400 کان وڌيڪ خطرناڪ عمارتن جي رهواسين لاءِ متبادل رهائش جو جائزو ورتو پيو وڃي.هن شهرين کي هدايت ڪئي ته فليٽ خريد ڪرڻ کان اڳ پڪ ڪن ته عمارت جون سڀئي منظوريون آهن يا نه.










