شهرين تي بندوق کڻڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: گورنر سنڌ

شهرين تي بندوق کڻڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: گورنر سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي ۾ هٿيارن جي عوامي نمائش ۽ فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي چيو ته شهرين تي بندوق کڻڻ ڪنهن به صورت ۾ ناقابل قبول آهي، سنڌ جي گورنر چيو ته آءِ جي سنڌ کي واقعي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن قانون سڀني لاءِ برابر هوندو ته ماڻهو پوليس تي اعتماد ڪندا، هن ڊمپر جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل شخص جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته فوت ٿيل جي زخمي زال کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪئي ويندي.سنڌ جي گورنر چيو ته ڪراچي ۾ ڊرائيونگ قانونن جي ڀڃڪڙي تي وڏا چالان جاري ڪيا پيا وڃن، ۽ ٽرئفڪ حادثن ۾ جان وٺندڙن کي به مثالي سزا ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو