ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ شاهه فيصل ڪالوني پل تي ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ هڪ شهري مارجي ويو، پوليس موجب، فوت ٿيل نديم احمد خان هڪ آن لائن بائيڪ سروس جو سوار هو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڦر دوران ڌاڙيلن نديم احمد جي سيني ۾ گولي هنئي،مقتول جي لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.










