سکر (ن س)سکر ۾ چاچي پنهنجي ڀاڻيجي ۽ سندس کي ڪارو ڪاري جي الزام ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل موجب چاچي پنهنجي 15 سالن جي ڀاڻيجي وزيران ۽ 16 سالن جي نوجوان راشد شر تي ڪارو ڪاري جي الزام ۾ تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ ڪئي.ايس ايس پي سکر چيو ته وارثن معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي جوابدار کي واقعي کان پوءِ ڀڄائي ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا، پوليس موجب، ڇوڪري ۽ ڇوڪرو جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار به هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي کي سرڪاري شڪايت طور درج ڪيو ويندو.










