سکر:(بيورو رپورٽ) سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد سٽي باءِ پاس لڳ ڏينهن ڏٺي جو ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ڪار ۾ سوار نجي پيٽرول پمپ جي مالڪ کان 70 لک روپيا ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ نجي پيٽرول پمپ جو مالڪ نياز بگٽي ۽ سيڪيورٽي گارڊ وارث ميمڻ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي ماڻهن جي اطلاع تي پوليس پهچي کڻائي سول اسپتال سکر پهچايو، جتي زخمن جي سٽ نه سهندي پيٽرول پمپ مالڪ نياز بگٽي فوت ٿي ويو.فوتي نياز بگٽي جي وارثن ٻڌايو ته نياز بگٽي پيٽرول پمپ کان بئنڪ ۾ رقم جمع ڪرائڻ وڃي رهيو هو ته سٽي باءِ پاس تي هٿياربندن رقم ڦر ڪئي جتي مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ نياز بگٽي ۽ سندس سيڪيورٽي گارڊ سخت زخمي ٿي پيا هئا جن کي پوليس کڻائي اسپتال پهچايو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي نياز بگٽي فوت ٿي ويو آهي. پوليس هن وقت تائين هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي، سکر جهڙي شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڦر جي واردات ڪري قتل ڪرڻ پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آهي، هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد وارث فوتي نياز بگٽي جو لاش سکر جي نئون پنڊ واري علائقي گهر کڻائي ويا، لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو.










