ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ 13 مئي تي گورنر هائوس ۾ پاڪستاني هٿياربند فوج جي اظھار تشڪر جو جشن ملهايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان کي بچائي ڀارت جي ذلت جو جشن ملهائيندا. هن چيو ته ڀارت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو اها فوج اسان جي سرن جو تاج آهي. شهري پنهنجن پاڙيسري فوجن جي گهرن ڏانهن مٺايون ۽ گلن جا هار موڪلن. هن چيو ته “آپريشن بنيان المرص جي ڪاميابي گورنر هائوس سنڌ ڪراچي کان اسلام آباد تائين جشن جو ماحول آهي.” هن چيو ته اڄ 13 مئي تي گورنر هائوس ۾ پنهنجن هٿن سان ايندڙن کي مٺايون کارائيندس.










