سپلا جي سڏ تي انتقامي بدلين خلاف احتجاجي مظاھرو ڌرڻو

سپلا جي سڏ تي انتقامي بدلين خلاف احتجاجي مظاھرو ڌرڻو

سکر ( ن سنڌ يار)سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ايسوسيئيشن سکر ريجن جي سڏ تي سپلا ضلعي سکر پاران سپلا اڳواڻ پروفيسر محمد سانول گھوٽو ۽ ٻين  انتقامي طور ٿيل بدلين خلاف پريس ڪلب سکر اڳيان ڀرپور احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو مظاھري ۾ سکر ضلعي جي سمورين ڪاليجن جي ليڪچرارن پروفيسرس ۽ سپلا اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مظاھري  مطالبو ڪيو ته انتقامي بدليون نامنظور ڊي جي ڪاليجز کي ھٽايو ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز سائين رکيو کي ھٽايو روائيز فورٽيئر جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جھڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻي رھيا ھئا ان دوران خطاب ڪندي سپلا سکر ريجن جي صدر چيو ته ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز ۽ ڊائريڪٽوريٽ ڪاليجز سکر گھري سازش تحت سپلا ضلعي گھوٽڪيء جي اڳواڻن ۽ ورڪرن کي انتقامي بدلين جو نشانو بڻائي انتھائي ڪڌو عمل ڪيو آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا اڳواڻن چيو ته ڊي جي آفيس گھوٽڪي ضلعي کي پنھنجي جاگير سمجھندي ياري باشي نڀائڻ خاطر فرض شناس استادن جون غير ضروري طور بدليون ڪري بھتر تعليمي نظام کي ھاڃو رسائي رھي آھي اھڙي عمل کي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ڊائريڪٽوريٽ ڪاليجز سکر ۾ جيڪا رشوت جي بازار گرم آھي اھي بدليون به ان جو نتيجو آھن ھفتي ٻه دفعا ساڳئي استاد کي بدلي ڪرڻ واري عمل کي ٽارگيٽيڊ سمجھندي احتجاج وارو رستو اختيار ڪيو آھي اڳواڻن چيو ته اسان سيڪريٽري ڪاليجز تعليم واري وزير چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته ڊي جي ڪاليجز ۽ ڊائريڪٽوريٽ سکر پاران گھوٽڪي ضلعي جي تعليمي نظام کي ھاڃو رسائڻ واري عمل جو نوٽيس ورتو وڃي ور نه سپلا اھڙي عمل کي ڪنھن به صورت ۾ برداشت ڪرڻ لاء تيار ناھي سپلا اڳواڻن پرزور مطالبو ڪندي چيو آھي ته SNE روائيز ڪري اھم مضمونن ۾ ليڪچرارن جي ڀرتي واري عمل کي جلدي يقيني بڻائي استادن جي کوٽ کي ختم ڪيو وڃي ايم فل ۽ پي ايڇ دي الائونس کي سنڌ جي يونيورسٽين جي برابر ڪيو وڃي ھنن چيو ته سنڌ ڪابينا جي منظوريء بعد روائيزڊ فورٽيئر فارمولا جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪري اسان کي احتجاج ڪرڻ لاء مجبور ڪيو ويو آھي اڳواڻن چتاء ڏيندي چيو آھي ته اگر مٿي ذڪر ڪيل مسئلا حل نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو…

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو