عدليا جو پارليامنٽ تي اعتماد آهي پر عوام جوعدليا تي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي پارليامنٽ تي اعتماد آهي پر عوام جو عدليا تي اعتماد آهي.نيب قانونن ۾ ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.وفاقي سرڪار جي وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته نيب قانون ۾ ترميم وقت اسيمبلي ميمبرن جي اڪثريت منظوري ڏني، قانون ۾ ترميمن جي منظوري وقت 159 ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا.چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سوال اِهو آهي ته قانون سازي وقت مخالف ڌر جو هجڻ ضروري آهي جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڇا پهريان اهڙو ڪو مثال موجود آهي ته پارليامنٽ ميمبرن قانون سازي کي چئلينج ڪيو هجي؟ مخدوم علي خان چيو ته منهنجي نظر مان اهڙو ڪو ڪيس ناهي گذريو جنهن تي پارليامنٽ ميمبر قانون کي چئلينج ڪيو هجي، درخواست گذار نه رڳو پارليامنٽ ميمبر آهي پر ملڪ جو وزيراعظم به رهي چڪو آهي، دليلن ۾ درخواستگذار جي بدنيتي ۽ ذاتي مفاد جي به وضاحت ڪندس. چيف جسٽس چيو ته موجودا ڪيس ۾ نيب قانون جي بهتري ڏسي رهيا آهيون، ضروري نه آهي ته قانون کي ڪالعدم ئي قرار ڏنو وڃي، قانون ڪالعدم ڏيڻ کانسواءِ به عدالت وٽ آپشن موجود آهن، قانون کي آئين پٽاندڙ هجڻ تي اڳتي وڌڻ گهرجي.جسٽس منصور علي شاهه چيو ته نيب قانون ۾ ترميمن جو بنيادي حقن سان ٽڪراءُ ٿيو ته عدالت آپشنز تي غور ڪندي، جنهن تي وفاقي حڪومت جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ڪو به اهڙو قانون قائم نٿو رهي سگهي جنهن جو بنيادي حقن سان ٽڪراءُ هجي.هن چيو ته سوال اِهو آهي ته عدالت آئين جو دفاع ۽ تحفظ ڪيئن ڪرڻو آهي، آئين جو مطلب پاڪستان جي عوام آهي، سوال اِهو به آهي ته فيصلو ڪرڻ ۾ عدالت ڪنهن حد تائين وڃي سگهي ٿي.پبلڪ آفيس هولڊرز احتساب جي قابل آهن، جيڪڏهن نيب ترميمن سان احتساب جو معيار ڪِريو ته عدالت ان کي برقرار ڪيئن رکي سگهندي؟ چيف جسٽس چيو ته جڏهن کان پاڪستان ٺهيو ڪرپشن جي خاتمي جا قانون ٺهيل آهن، ڪرپشن جي خاتمي وارا قانونن سبب ئي عوامي عهديدار قابل احتساب آهن، اسان سماجي يا سياسي مسئلن کي ناهي ڏسڻو، اعتماد ئي سمورن معاملن جو مرڪز آهي، پبلڪ آفيس لاءِ ڊاڪٽرائن آف ٽرسٽ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ججز به عوامي اعتماد جا ضامن آهن، ججَ به قابل احتساب آهن، جج پئسن جي ويجهو به نٿا وُڃي سگهن، سپريم ڪورٽ کي هڪ معاملي ۾ فنڊز مليا، اُهي اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا، اڄ به انتظار ڪري رهيا آهيون ته فنڊز استعمال ٿين، سپريم ڪورٽ فنڊن جا تفصيل اسٽيٽ بئنڪ ويب سائيٽ تي نه رکي ها ته اڄ تنقيد ٿئي ها.وفاقي سرڪار جي وڪيل مخدوم علي خان جو چوڻ هو ته اِها ڳالهه درست آهي ته اعتماد اهم هوندو آهي، عدليا به پارليامنٽ ۽ سياستدانن تي اعتماد ڪري، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عدالت کي پارليامنٽ تي اعتماد آهي پر عوام جو اعتماد عدليا تي آهي، ڪجهه بنيادي شيون آهن جنهن تي عدالت کي به عمل ڪرڻو آهي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻارنهن جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو