سيڪيورٽي خدشا: ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي جيڪب آباد ۾ روڪيو ويو

سيڪيورٽي خدشا: ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي جيڪب آباد ۾ روڪيو ويو

جيڪب آباد (ن س)جعفر ايڪسپريس، جيڪا پشاور کان ڪوئيٽا اچي رهي هئي، سيڪيورٽي خدشن جي ڪري جيڪب آباد ۾ روڪي وئي.ريلوي اختيارين موجب، ميرپور ماٿيلو ۾ مال ٽرين جي پٽڙي تان لهڻ سبب ٽرينن جي آمدورفت متاثر ٿي، جنهن جي ڪري جعفر ايڪسپريس 14 ڪلاڪن جي دير سان جيڪب آباد پهتي.ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته رات جو سيڪيورٽي خدشن جي ڪري جعفر ايڪسپريس کي جيڪب آباد ۾ روڪيو ويو. جعفر ايڪسپريس کي اڄ صبح ڪوئيٽا موڪليو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو