سيپڪو، حيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ بجلي چور آهن، شيخ

سيپڪو، حيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ بجلي چور آهن، شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سکر سنڌ جو ٽيون وڏو شهر آهي، سوا مهيني کان سکر ۽ ٻين شهرن ۾ اوندھ ۾ٻڏل آهن، وزيراعظم کي درخواست آهي ته هو نوٽيس وٺي، پيپلز پارٽي عوام سان زيادتين ۾ چپ نٿي رهي سگهي، ٿر جو دورو ڪريو ته توهان کي اندازو ٿيندو ته پيپلز پارٽي سڀ کان سستي بجلي پيدا ڪرڻ وڃي رهي آهي، چئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي چوڻ تي ماڻهن کي مفت بجلي پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي. سنڌ حڪومت FIA کي خط لکيو آهي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسان سولر لائٽس لڳايون آھن ، هن چيو ته وفاق پاڪستان تي رحم ڪري، اسي لک نوي هزار بوگس يونٽس چارج ڪيا پيا وڃن جڏهن ته گئس جو مسئلو سنڌ ۾ وڌي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 158 مطابق گئس جتان پيدا ٿئي ٿي، پھريان اُتي جي گهرج پوري ڪئي ويندي آهي، اسان جا ٻار صبح جو ناشتو ڪرڻ کان سواءِ اسڪولن ۾ وڃن ٿا. ترجمان ۽ ميئر سکر، بيئرسٽَر ارسلان اسلام شيخ وڌيڪ چيو ته شب برات ۾ به ٽن ڏينهن تائين سکر جي شهرين کي بجلي نه ڏني وئي ھئي، اسان وفاق کي سپورٽ ڪريون ٿا پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان خاموش رهنداسين. سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت سان ڪيترائي اختلاف آھن، پوري پاڪستان قوم معيشيت سبب پريشان آهي، بجلي جي بلن تي خودڪشيون ٿي رهيون آهن، سکر ۾ سيپڪو ۽ حيدرآباد ۾ حيسڪو ۽ ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ آهن، سيپڪو ۾ ڏهه ضلعا اچن ٿا، 65 کان وڌيڪ شھر اچن ٿا. سيپڪو، حيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ بجلي چور آهن، اهي عوام جي رت چوسن پيا ، عوام تي بار وڌايو پيو وڃي، هن چيو ته اسان جا مطالبا 48 ڪلاڪن ۾ پورا ڪيا وڃن. سيپڪو جي هڪ ضلعي ۾ 25 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ٿي رھي آهي، 35 ارب روپين جي ڪرپشن سيپڪو ۾ ٿي آهي، ماڻهن کي مهانگي بجلي ڏني پئي وڃي، ڪي اليڪٽرڪ فائدو پهچائڻ بدران ايڪسٽرا فيول چارجز لڳايا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، سيوهڻ ۾ حادثي جو بنيادي سبب تباهه حال روڊ آهي، حادثا روزانو جي بنيادن تي ٿي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته وفاق سنڌ کي نقشي کان ڌار ڪيو آهي، اسان وفاق کي سنڌ جي وسيع تر مفاد ۾ سپورٽ ڪيو ۽ سنڌ هميشه قربانيون ڏئي رهي آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته وزيراعظم کي اپيل آهي ته ٻين صوبن تي به نظر رکي وڃي، اسان جي دعا آهي چاچو ڀائٽي جي جوڙي سلامت رهي. هن چيو ته عوام اسان کان پڇندي آهي ته سنڌ جو موٽر وي سنڌ حڪومت ڇو نٿو بڻائي، وفاقي حڪومت سڄي پاڪستان ۾ موٽر وي قائم ڪري ڇڏي آهي، حيدرآباد يا سکر جي ڳالهه اچي ٿي ته موٽر وي منصوبا دير جو شڪار ٿي وڃن ٿا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شاهراهه ۾ پيپلز پارٽي مثالي ڪم ڪيو. بيئرسٽَر ارسلان اسلام شيخ چيو ته اسان جون آئيني ضرورتون پوريون ڪيون وڃن، وزيراعظم کي رياست لاءِ والد جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سي سي آءِ مفادات ڪائونسل جو اجلاس گھرائي، آئين مطابق هي اجلاس هر نوي ڏينهن کان پوءِ ٿيڻ گهرجي، وفاقي حڪومت آئيني تقاضن کي پورو ڪري، پيپلز پارٽي ملڪ جي مفاد ۾ هميشه وفاقي حڪومت کي سپورٽ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيڪا ايڪٽ لاڳو ٿيڻ سان پيپلز پارٽي پنهنجو آواز نه روڪيندي، پيپلز پارٽي هميشه عوام جي مسئلن تي آواز اٿاريو آهي ۽ اڳتي به اٿاريندي رھندي، پيپلز پارٽي ڪوڙن کان نہ ڊڄي پيڪا ايڪٽ کان ڇو ڊڄندي. سندھ سرڪار جي ترجمان ۽ مئير سکر بئرسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته سنڌ حڪومت وفاق تي دٻاءُ وجهڻ جي بدران آئين تحت عوام لاءِ حقن جو مطالبو ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي آئين جي حفاظت لاءِ آئين تحت عهدا قبول ڪيا ۽ پيپلز پارٽي زرعي ٽيڪس خلاف آهي ۽ پيڪا ايڪٽ جي ڪافي شقن خلاف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو