سيوهڻ (ن س )سيوهڻ ۾ پوليس مقابلي کانپوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.،ايس ايس پي ڄامشورو موجب، سيوهڻ جي علائقي ڀن سعيد آباد ويجهو طالب شاهه روڊ تي پوليس ۽ نامعلوم جوابدارن وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو، مقابلي کان پوءِ، پوليس ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، پوليس جوابدارن جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا آهن.










