ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيٽ چونڊن کانپوءِ سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پئماني تي ردوبدل جو امڪان، باري پتافي ۽ فراز ڏيرو وزارت وڃائي سگهن ٿا، ارباب لطف، ساجد جوکيو، نادر مگسي، جبار خان ۽ سراج قاسم سومرو، شرجيل ميمڻ ۽ ڄام خان شورو جا نالا غور هيٺ، امير حيدر شاهه شيرازي کي صلاحڪار بڻائڻ جو امڪان آهي. هري رام سميت ڪجهه وزيرن جا کاتا به تبديل ڪيا ويندا.










