اسلام آباد (بيورو) سينيٽ مان بلوچستان عوامي پارٽي جي سينيٽر منظور احمد ڪاڪڙ پي ٽي آئي اڳواڻ فواد چوڌري جي پختون قوم بابت بيان تي احتجاجن واڪ آئوٽ ڪيو جمعي تي اجلاس ۾ ڳالهائيندي منظور ڪاڪڙ چيو ته پي ٽي آئي اڳواڻ فواد چوڌري جي بيان سان پختون قوم جي دل آزاري ٿي آهي کيس انهيءَ خانگي ٽي وي تي ٻيهر اچي پختون قوم کان معافي وٺڻ گهرجي سينيٽر اسرار ترين چيو ته پي ٽي آئي اڳواڻ فواد چوڌري جي خانگي ٽي وي تي ڏنل بيان جي مذمت ڪريون ٿا فواد چوڌري کي پاڻ پنهنجن لفظن تي معافي وٺن گهرجي. پي ٽي آئي سينيٽر اعجاز چوڌري چيو ته فواد چوڌري جي ڳالهه سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي هئي ته مان معافي چاهيان ٿو.










