سيسي آفيسرن جي لاءِ هائوس رينٽ الائونس ۾ 5 سيڪڙو واڌ

سيسي آفيسرن جي لاءِ هائوس رينٽ الائونس ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ليبر ڊپارٽمينٽ جي تحت (سيسي) سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن ۾ گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جي آفيسرن لاءِ هائوس رينٽ الاؤنس ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. هن اهم ۽ فلاحي فيصلي بابت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب هائوس رينٽ الاؤنس جي شرح 80 سيڪڙو کان وڌائي 85 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. واڌ جو فيصلو سنڌ جي پورهيتن واري صوبائي وزير شاهد ٿهيم جي ذاتي دلچسپي ۽ مزدور دوست پاليسين جو عملي جامو آهي، جنهن جو مقصد سرڪاري عملدارن جي معاشي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ ۽ اداري جي مجموعي ڪارڪردگي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ آهي. ليبر جي وزير شاهد ٿهيم جو چوڻ آهي ته ليبر ۽ سماجي تحفظ واري کاتي سان لاڳاپيل آفيسر مزدور طبقي جي خدمت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي سهولت ۽ حوصلا افزائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهن. موجوده مهانگائي کي مد نظر ۾ رکندي هائوس رينٽ الاؤنس ۾ اضافو مشڪل هو ۽ سنڌ حڪومت جو خيال آهي ته جيڪي ادارا سٺو ڪم ڪري رهيا آهن انهن جي آفيسرن کي به بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. سرڪاري ملازمن جي ڀلائي لاءِ پاليسيون ٺاهڻ ۽ ان طرف عملي قدم کڻڻ سنڌ حڪومت جي ويزن جو حصو آهي. اداري کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ سڌارا پڻ آندا پيا وڃن ته جيئن ملازم ۽ آفيسر ٻئي خوشحال ٿين. اهو نوٽيفڪيشن سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽ جي گورننگ باڊي جي 171 هين اجلاس ۾ ڪيل فيصلي جي روشني ۾ جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو سنڌ جي ليبر واري وزير شاهد ٿهيم جي صدارت ۾ ٿيو. نوٽيفڪيشن موجب هي واڌارو اجلاس جي تاريخ، يعني 13 فيبروري 2025 کان لاڳو ٿيندو، ۽ سڀني لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ان کي فوري طور تي لاڳو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو