ميرپورخاص: (ن س) پوليس ٻن مختلف ڪاررواين ۾ سوناري جي دڪان تي ڊوڪڙي (ڦر) ۽ پوليس ڪانسٽيبل جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي ايس پي سٽي نعيم احمد ٻڌايو ته تازو ئي پيش آيل ٻن اهم ڪيسن کي پوليس ڪاميابيءَ سان ٽريس ڪندي مکيه جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وڏي مقدار ۾ ڦريل مال پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته ٿاڻي ٽائون جي حدن ۾ واقع اويناش نالي شخص جي سوناري جي دڪان تي ٿيل ڦر کانپوءِ پوليس جديد ٽيڪنالاجي، سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ خفيه معلومات جي بنياد تي ڪارروايون ڪيون. مختلف هنڌن تي ڇاپن دوران جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندن نشاندهي تي سونا، چاندي ۽ ٻئي ڦريل سامان جو وڏو مقدار هٿ ڪيو ويو آهي. ڪيس کي مڪمل طور تي ٽريس ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي. ڊي ايس پي موجب، ٻيو اهم ڪيس پوليس ڪانسٽيبل خالد مري جي قتل جو هو. واقعي کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو، سي سي ٽي وي فوٽيج جو جائزو ورتو ۽ مختلف رخن کان جاچ ڪئي. ڪارروائيءَ دوران ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن ۾ مکيه جوابدار علي به شامل آهي، جڏهن ته ٻين مفرور جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي ايس پي سٽي چيو ته سوناري جي دڪان تي ڦر جي محرڪن ۽ ممڪنه سهولتڪارن بابت جاچ جاري آهي، گرفتار جوابدار مقامي آهن. ان موقعي تي صرافه بازار جي صدر محمد حنيف پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته ڦر جي واقعي کانپوءِ آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص، ڊي ايس پي سٽي، ايس ايڇ اوز ۽ ٻين آفيسرن ڏينهن رات محنت ڪري ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو. هن چيو ته پوليس جي بروقت ڪارروائي جي نتيجي ۾ وڏي مقدار ۾ ڦريل مال هٿ ٿيو آهي، جنهن تي واپاري برادري پوليس جي ٿورائتي آهي. جنرل سيڪريٽري به پوليس جي ڪارروائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ميرپورخاص جي تاريخ ۾ هيءَ پهرين وڏي ڦر آهي، جنهن ۾ ٿورڙي وقت اندر جوابدار گرفتار ٿيا ۽ ڦريل مال جو وڏو حصو هٿ ڪيو ويو.










