ڪراچي(ويب ڊيسڪ)موسميات کاتي سومر کان ملڪ ۾ مينهن جي نئين لهر جي اڳڪٿي ڪئي آهي،موسميات کاتي موجب ملڪ ۾ مغربي هوائن جو سسٽم داخل ٿيندو. پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات جو به امڪان آهي،ان کان علاوه اترين علائقن ۾ به ان دوران برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 25 فيبروري کان برسات شروع ٿيندي،موسميات کاتي جبلن وارن علائقن ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو آهي، ۽ سياحن کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










