سوشل ميڊيا کي مظلوم جو آواز بڻايو ۽ ظلم ظاهر ڪريو

شڪارپور(ڪاشف نواز ٻرڙو) قومي عوامي تحريڪ جي ميزباني ھيٺ بيدل لائبريري ۾ سوشل ميڊيا ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جي مقررن ليڪچر ڏنا ۽ نوجوانن کي سوشل ميڊيا جي مثبت استعمال بابت ڄاڻ ڏني. ڪانفرنس ۾ لاڙڪاڻو ، ڪنڌڪوٽ ، جيڪب آباد، قمبر شھدادڪوٽ ۽ شڪارپور جي ساٿين شرڪت ڪئي جنھن ۾ مقصود سومرو زاھد ڀنڀرو ، لعل خان شر ، زاھد گھلو ، ايڊووڪيٽ ظفر چنه ، جبار سنڌي ، سيد واجد علي شاھ ، ايڊووڪيٽ علي اصغر پھوڙ ، اسد اللله سومرو ، فھد شھزاد سولنگي ، سلطان رند ، نادر بلوچ ، خان محمد ڏيئو ، شاھنواز ابڙو ، صحافين ۽ نوجوانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب کي  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا استمعال ڪندڙ نوجوانن ۽ ھر ھڪ فرد کي ڄاڻ ھئڻ گھرجي ته سوشل ميڊيا جي مثبت استمعال ڪرڻ سان ڪيڏا وڏا نتيجا ملن ٿا دنيا جي اندر حڪومتون ۽ رياستون سوشل ميڊيا جي طاقت ۽ تحريڪ آڏو گوڏا کوڙي ڇڏين ٿيون. دنيا ۾ ننڍا ننڍا ڪيس به جڏھن سوشل ميڊيا تي اچي ويندا آھن ته پوء اھي ھاء پروفائيل ڪيس ٿي اڀرندا آھن. پاڪستان ۽ سنڌ جو مثال اسان جي سامھون آھي طاقتور ڌريون به سوشل ميڊيا تي ڪيس اچڻ کان پوء بيوس ۽ لاچار نظر ايندا آھن. مقررن چيو ته سوشل ميڊيا تي ھميشه مثبت ڪم نتيجا ڏيندو آھي نوجوانن ۽ سوشل ميڊيا استمعال ڪندڙ ساٿين کي گھرجي ته ھر مظلوم لاءِ پڙاڏو بڻجي ديوار ٿي ساٿ ڏين، اڳم ۾ ڀوتار ۽ رياست غريب مسڪين ماڻھن تي ظلم ڪندا ھيا ۽ مظلومن جا حق ڦٻائيندا ھيا پر ھاڻي سوشل ميڊيا جي طاقت جو اندازو انھن سمورن قوتن کي ٿي چڪو آھي سمورا سوشل ميڊيا استمعال ڪندڙ ساٿي ڪٿي به ظلم ڏسن ته صحافي بڻجي ڪيمرا جي اک ۾ منظر رڪارڊ ڪن جيئن مظلومن جو سھارو بڻجي سگھجي. اڳواڻن چيو ته فيس بڪ ، ٽوئٽر، واٽس ايپ ، انسٽاگرام ۽ ٻين اپليڪشن جو استمعال وڌ کان وڌ ڪرڻ سان ۽ پنھنجا ننڍي کان ننڍا ۽ وڏي کان وڏا مسئلا انھن تي اجاگر ڪنداسين ته نتيجا ئي تبديل ھوندا. اڄ کان پوء ھر ضلع سطح تي سوشل ميڊيا گروپ ٺاھيو جيڪو صرف مظلومن جو درد ۽ آواز سمورن اپليڪشن تي اپلوڊ ڪندو ته جيئن بي سھارا مظلوم  ماڻھن کي انصاف ملي سگھي ۽ ٻين لا سبق به ھجي ۔

پهنجو تبصرو موڪليو