نوشهروفيروز (ن س )سوشل ميڊيا تي نوشهرو فيروز پوليس جي حوالي سان گمراھ ڪندڙ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. جنهن ۾ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي تہ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندڙن خلاف ڪا ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. هن من گهڙت پروپيگنڊا دوران پوليس جون ٻين موقعن تي پراڻيون ويڊيوز کڻي انھن کي ايڊيٽ ڪيو ويو آهي. احتجاج هڪ جمهوري عمل آهي. پوليس طرفان احتجاج ڪندڙن ء مسافرن کي سڪيورٽي سان گڏ ضروري دوائون کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي فراھم ڪيو ويو سمورين سياسي ڌرين پاران مختلف موقعن تي ٿيل احتجاجن ۾ پوليس جو معاون وارو ڪردار رهيو آهي. انهن تنطيمن جي مقامي ۽ مرڪزي اڳواڻن کان اهڙي ڄاڻ وٺي سگهجي ٿي.










