پشاور (اظهار الله) پاڪستان جي قبائلي ضلعي ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي وانا ۾ عجيب ڌاڙي جي واردات ٿي آهي جنهن ۾ نقاب پوش هٿياربندن هڪ گودام مان 46 مڻ چلغوزا يعني نيزا ڦر ڪري ويا هن. وانا ٿاڻي جي انچارج سيد مرجان موجب نامعلوم نقاب پوش هٿياربند ڀت ٽپي اندر داخل ٿيا، چپڪيدار ۽ مزدورن کي يرغمال بڻائي ڊبل ڪيبن گاڏين ۾ 23 ٻوريون جن ۾ 46 مڻ چلغوزا هئا، کڻي ويا. ٿاڻيدار موجب گوادم مالڪ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. گودام جو مالڪ ميران شاهه جو رهائشي آهي سندس چلغوزي جو گودام وانا ۾ آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هن علائقي ۾ اڳ م ڪڏهن اهڙو واقعو ناهي ٿيو. چلغوزا سياري جي مند ۾ وڌي کاڌا ويندا آهن. هن وقت مارڪيٽ اڻ ڇلهيل چلغوزا في ڪلو 1000 کان 1200 روپين ۾ ۽ ڇلهيل 1500 کان 1800 روپيا في ڪلو وڪامي رهيا آهن. پاڪستان ۾ 90 سيڪڙو چلوزي جي پيداوار وانا ۾ ٿئي ٿي. جيڪڏهن چوري ٿيل 46 مڻن جي قيمت في ڪلو هڪ هزار جي حساب سان به لڳائي وڃي ته ان جي قيمت 18 لکن کان مٿي بڻجي ٿي.(بشڪريه انڊپينڊنٽ)










