سنڌ ۾ 22 اپريل کان اسڪول کلندا، سعيد غني

سنڌ ۾ 22 اپريل کان اسڪول کلندا، سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ 22 اپريل کان عملي طور تي تعليمي عمل بحال ٿيندو.سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني تعليمي ادارن بابت وفاق جي اعلان کان پوءِ چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي اڳ ئي اعلان ڪيو هو ته پهرين کان اٺين ڪلاس تائين عملي طور تي  تعليمي عمل معطل ڪيو ويو آهي.هن چيو ته 22 اپريل کان سڄي سنڌ ۾ عملي طور تي تعليمي عمل بحال ٿيندو پر جيڪڏهن الله نه ڪري صوي جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ ٿئي ٿي ته اتي جي ضلعي انتظاميه  ان ضلعي جي حوالي سان فيصلو ڪري سگهندي. سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته هن وقت صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال قابو ۾ آهي ۽ هن وقت سنڌ ۾ ڪو به مخصوص ضلعو متاثر نه ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ هاڪاري ڪيسز جي شرح 2.6 سيڪڙو آهي ۽ صوبي ۾ نائين کان ٻارهين ڪلاس تائين جو تعليمي عمل بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهندو.سعيد غني چيو ته نائين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس جا امتحان شيڊول موجب ٿيندا ۽ بنا امتحان ڏيڻ جي ڪنهن کي به پروموٽ نه ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو