ڄامشورو (ن س )سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڇوڪرين جي هاسٽل ٻاهران شاگردن انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو. شاگردن هاسٽل ۾ سٺي کاڌي ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ تي هاسٽل جي مکيه دروازي تي مظاهرو ڪيو.يونيورسٽي رجسٽرار شاگردن جي احتجاج کان پوءِ هاسٽل ايڊمنسٽريٽر کي سندس عهدي تان هٽايو.يونيورسٽي رجسٽرار جو چوڻ آهي ته شاگردن جي الزامن جي جاچ ڪميٽي ٺاهي ويندي.










