سنڌ هاءِ ڪورٽ: رائو انوار ۽ ٻين جي بريت خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور

سنڌ هاءِ ڪورٽ: رائو انوار ۽ ٻين جي بريت خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻين جي بريت خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي.عدالت سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي 4 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.مقتول نقيب الله جي ڀاءُ عالم شير پاران 3 مختلف اپيلون داخل ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو ۽ ثبوتن کي نظرانداز ڪيو.نقيب الله جي ڀاءُ عالم شير طرفان دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو 23 جنوري 2023 تي ٻڌايو هو.عدالت رائو انوار سميت 18 جوابدارن کي ثبوت نه ملڻ تي بري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو