سنڌ حڪومت پنجاب جو ارسا کي لکيل خط رد ڪري ٿي،شورو

سنڌ حڪومت پنجاب جو ارسا کي لکيل خط رد ڪري ٿي،شورو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پاڻي جي ورڇ بابت پنجاب حڪومت پاران انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) کي لکيل خط کي رد ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو پنجاب حڪومت جي ارسا کي لکيل خط تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پنجاب حڪومت جي ارسا کي لکيل خط کي رد ڪري ٿي.ڄام خان شورو چيو ته 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت سنڌ کي پاڻي جو حصو ڏنو وڃي. اپريل جي 10 ڏينهن ۾ سنڌ جي ڪينالن کي 62 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته پنجاب جي ڪينالن کي 54 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو.سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو چيو ته 1991 جي پاڻي معاهدي تحت، سڀني صوبن کي برابر کوٽ برداشت ڪرڻي پوندي.ڄام خان شورو چيو ته هن وقت سنڌ ۾ ڪپهه ۽ چانور پوکڻ گهرجن، اسان صرف پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ جي قابل آهيون، جڏهن ته پنجاب ۾ هن وقت ڪڻڪ جي فصل لهي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو