حڪومت عوامي خدمت لاءِ  هر ممڪن ڪوشش ڪري پئي: شرجيل

حڪومت عوامي خدمت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري پئي: شرجيل

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي واري صوبائي شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوامي خدمت لاءِ ممڪن انتظامن لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ترقياتي ڪمن کي تيز ڪيو وڃي تہ جيئن عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن اها ڳالهه اڄ راول هائوس ٽنڊو ڄام جي ڪميٽي روم ۾ بلدياتي ادارن جي چيئرمينز ۽ وائيس چيئرمينز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن ارشاد علي چانڊيو، ماروي سومرو، تعلقي ٽنڊو جام جي بلدياتي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينز شرڪت ڪئي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سڀني چيئرمينز کي هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت طرفان ڏنل فنڊن کي مڪمل شفافيت ۽ ايمانداري سان عوام جي ڀلائي جي منصوبن تي خرچ ڪيو وڃي. هن چيو تہ چيئرمينز ترقياتي فنڊز جو درست ۽ بھتر استعمال ڪندا، انهن کي حڪومت جي مڪمل مدد حاصل هوندي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعليٰ سنڌ جون واضح هدايتون آهن ته مقامي کاتي جي فنڊز کي عوامي منصوبن ۾ لڳائي ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ ترقياتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان جو مقصد پنهنجي تڪ کي هڪ مثالي تڪ بڻائڻ آهي جتي عوام کي ھر ممڪن سھولت فراھم ڪئي وڃي.هن چيو ته عوامي خدمت اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ اسان عوام جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. اجلاس دوران شرجيل انعام ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کي هدايت ڪئي ته هو عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ چيئرمينز سان مستقل اجلاس منعقد ڪري ۽ انهن سان مڪمل سھڪار ڪري ته جيئن عوام جي ڀلائي جا منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو