ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي پنهنجي ڪا به ڪارڪردگي ناهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته چيو پيو وڃي ته پئسا يا پلاٽ جانين جي بدلي ۾ نٿا ڏئي سگهجن. سوال اهو آهي ته ڪيترا شڪي گرفتار ڪيا ويندا ۽ ڪيترا ڪيس داخل ڪيا ويندا.هن چيو ته ڪراچي جي ميئر جي سيٽ تي گذريل 2 سالن کان قبضو آهي. پيپلز پارٽي 16 سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي. ان جي ڪارڪردگي ڇا آهي؟ هو چوي ٿو ته مون کي يا سنڌ جي گورنر کي بيان بازي ۾ نه الجهايو. سنڌ جو گورنر يوسف ڳوٺ ويو ۽ متاثرين جي زخمن تي مرهم لڳائي. ماڻهو گورنر کي اميد جي واحد ڪرين سمجهي رهيا آهن.










