ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت ھلندڙ مالي سال دوران وڏي تعداد ۾ اي وي ۽ ھائبرڊ بسون آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آھي تھ ايندڙ ڪجھھ مھينن دوران ڊبل ڊيڪر بسن سان گڏ ٻيون بسون بھ روڊن تي اچي وينديون، صوبائي گادي واري شھر ۾ ٽرانسپورٽجي نظام کي مڪمل طور تي اي وي بسز تي منتقل ڪرڻ وڃي رھيا آھيون. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت پاڪستان ۾ پھرئين ڀيري اي وي بسن کانپوءِ ھاني پاڪستان جي تاريخ ۾ پھرئين ڀيري ڊبل ڊيڪر بسون متعارف ڪرائڻ وڃي رھي آھي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري کاتي جو اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو، ٽرانس ڪراچي جي سي اي او فواد غفار سومرو، يلو لائن بي آر ٽي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي، سميت منصوبي سان سان لاڳاپيل ڪنسلٽنٽس ۽ ڪانٽريڪٽرز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ريڊ لائن ۽ يلو لائن بي آر ٽي جي جاري تعميري ڪم جي ھاڻوڪي صورتحال ۽ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ٻنھي رٿائن ۾ اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اختيارين اجلاس کي ٻڌايو تھ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبو پنھنجي مقرر شيڊول موجب جاري آھي، يلو لائن رٿا جي مختلف پيڪيجز تي بھ تعميري سرگرميون تيز ڪيون ويون آھن. اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ريڊ لائن ۽ يلو لائن بي آر ٽي ڪراچي جي شھرين جي لاءِ ھڪ انقلابي تبديلي ثابت ٿيندي، بي آر ٽي منصوبن جو مقصد شھرين کي معياري، محفوظ ۽ سستي ٽرانسپورٽ مھيا ڪرڻ آھي. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن مطابق شھرين کي شھرين کي سھولتن جي فراھمي لاءِ سمورا جوڳا قدم کڻي رھي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ھدايتون جاري ڪيون تھ تعميري ڪم جي معيار تي ڪوبھ سمجھوتو نھ ڪيو وڃي، سمورا منصوبا مقرر مدي اندر مڪمل ڪيا وڃن. ھن وڌيڪ چيو تھ اسان چاھيون ٿا تھ ڪراچي جي عوام کي عالمي معيار جون سفري سھولتون ملن، اھوئي پاڪستان پيپلز پارٽي جي خدمت جو منشور آھي.










