سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ ڌار ڌار واقعا، 11 فوت، 19 زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار پيش آيل جهيڙن جي واقعن ۽ روڊ حادثن ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ 19 زخمي ٿي پيا آهن. جيڪب آباد ۾ پلاٽ جي مالڪي تان فائرنگ ۾ بهرام ۽ سندس نوجوان پٽ لياقت دستي ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي مقتولن جون گهروايون به زخمي ٿي پيون، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي عورتن زبيده زال بهرام ۽ روبينا زال لياقت کي سول اسپتال منتقل ڪيو، صدر ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ٻن ڀائرن الطاف ۽ بهرام دستي وچ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار جو نتيجو آهي، شروعاتي اطلاع آهن ته مقتول بهرام جي ڀاءُ الطاف ۽ سندس پٽ امتياز ساٿين سان گڏجي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ڳڙهي خيرو ڀرسان اوڍا ۽ جکراڻي خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو. تاجو ديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير خان اوڍو ۾ جکراڻي ۽ اوڍا برادري ۾ ڪرڪيٽ ميچ جي معمولي ڳالھه تان شروع ٿيل تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، جکراڻي برادري جي ماڻھن ڳوٺ شير خان اوڍو تي جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ اوڍا برادري جا ٽي ڄڻا صوبدار علي، ضمير حسين عرف حاجن اوڍو ۽ نادر علي اوڍو مارجي ويا، فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ نينگري سميت 7 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا . اطلاع تي تاجو ديرو ۽ ميرانپور پوليس پھچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، زخمين ۾ عامر اوڍو، آزاد اوڍو، مزمل اوڍو، لعل بخش اوڍو، گل محمد اوڍو ۽ ھڪ نينگري ثناء شامل آهي. شڪارپور جي تعلقي خانپور مان زبير گل موجب ڪچي وراي علائقي جي رستم ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان  ڪمالاڻي،  بڊاڻي،  دوداڻي جتوئي برادري جي ڌرين ۾ فائرنگ ۾ 8 ٻارن جو والد ابراھيم پٽ ھدايت اللہ ڪمالاڻي جتوئي قتل، لاش پوسٽ مارٽم جي لاء خانپور اسپتال آندو ويو، ھڪ ڪلاڪن تائين لاش پوسٽ مارٽم جي لاء خانپور اسپتال پيل ڊاڪٽر غير موجود، مقتول جي وارث عورتن  امڙ  پيرسن مسمات عائشہ ، ھدايتہ ماروي جون دوداڻي، ء بڊاڻي جتوئين تي فائرنگ ڪري سندن جي ھمراھ کي بي گناھ  قتل ڪرڻ جو الزام هنيو. ٻئي واقعي ۾ رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ فريد  جتوئي ۾ گذريل رات دير سان ڪارنھن جي الزام ھيٺ سؤٽ شھزادو جتوئي ھٿان گھٽا ڏئي قتل ڪيل، مسمات ثمينہ زال جمشيد جتوئي جو قتل ڪيس رستم ٿاڻي تي ايس ايچ او امام ڏنو لنڊ پاران سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. ساڳئي نمائندي موجب دکوڳڙھي ۾ فصل ۾ مال پوڻ جي ڳالھ تان جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دؤران ، لٺيون ڪھاڙيون لڳڻ سبب گھنڃا برادري جا 2 ڄڻا خدابخش ۽ عبدالقادر گھنڃو زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن گھنڃا برادري جي ماڻھن عورتن سميت  جوابدارن جي گرفتاري جي لاء خانپور— ڪنڌ ڪوٽ انڊس ھاء وي روڊ تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، پوليس ڪاروائي ڪندي جعفري برادري جي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. نوشهروفيروز مان مشتاق حسين مري موجب ڳوٺ صابن شاهه ۾ فصل جي ڀيل تان هڪ ڄڻي سيد اصغر شاهه پسٽل جون گوليون هڻي ٻڪرار الطاف سومري کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو۔ زخمي ٻڪرار جون ٻڪريون جوابدار جي فصل ۾ ڀل ۾ هليون ويون ۽ فصل جي ڀيل ڪئي جنهن تان جوابدار پسٽل جا فائر ڪري ٻڪرار کي زخمي ڪيو۔ ٻڪرار کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال آندو ويو جتي کيس تڪڙي طبي امداد ڏيڻ بعد نوابشاهه ريفر ڪيو ويو۔ اسپتال ذريعن موجب ٻڪرار کي پسٽل جون 8 گوليون لڳل آهن، فوت ٿي ويو. جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔ هوڏانهن نوشھروفيروز ۾ ئي ٽي ڏينهن اڳ نانگوشاھ درگاه لڳ روڊ ڪراس ڪندي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ٺاروشاه جي ڳوٺ رحيم خان بالادي جي رهواسڻ  26 سالا مسمات اميران زال مجنون خان بالادي نوابشاھ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت وئي. لاکا روڊ مان اظهر جلباڻي موجب ھڪ ڏينھن اڳ ڳوٺ لائق خاصخيلي ۾ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان قتل ٿيل لال بخش عرف غلام شبير خاصخيلي جوقتل ڪيس لاکاروڊ ٿاڻي تي قلندر بخش مري محمد بخش مري پنجل مري ضمير مري شاھنواز مري بشير مري الله ڏنو لاکو غلام حسين کوسو يامين راجپوت ۽ ڪريم بخش مري تي داخل ڪيو ويو جڏھن ته آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگھي پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاء مختلف جگھن تي ڇاپن جو سلسلو جاري آھي. مانجهند مان مهراڻ يوسف عمراڻي مطابق سن ويجهو ڳوٺ دڙي گائينچا انڊس هاءِ وي تي ٻن ڪارن ۾ آمهون سامهون ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻو کان حيدرآباد ويندڙ خاندان سنگيتا  5 ورهين جو ٻارڙو جگديش 13 سالن جي نينگري ديا ڊرائيور ممتاز چنه ڄامشورو کان لاڙڪاڻو ويندڙ ڪار سوار  سڪندر شيخ اميد علي حميده 3 ورهين جي ٻارڙي بسمه 2 ورهين ج مصطفي 1 سال جو عدنان 7 ورهين جو ڪوڙل 5 ورهين جو علي رضا 10 ورهين جو عمران زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ماڻھن تعلقه اسپتال سيوهڻ  منتقل ڪيو جتي 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو وڏا ڇڇر پوليس ٻنهي ڪارن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ٿرپارڪرمان لیاقت نھڙیو موجب ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ ڪاڳيا ۾ رات دير سان 15 سالن جي ڇوڪري سنيتا مينگهواڙ ۽ 32 سالن جو جگتومل مينگهواڙ مبينا طور پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪتا جن کي ڳوٺاڻن ڏسي ورتو جنهن سبب ٻنهي ڄڻن ڊپ وڃان پاڙي جي کوهه ۾ ٽپو ڏيئي ڇڏيو. جنهن بعد وارثن ۽ ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس ڳوٺ پهچي کوھ مان ٻنهي ڄڻن کي ٻاهر ڪڍيو. ڇوڪري سنيتا کوه اندر ئي موقعي تي فوت ٿي چُڪي هئي ۽ نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ ، فوري طور ڇاڇرو اسپتال پهچايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو