ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن سان گڏ تيز برسات ۽ ڳڙي جو سلسلو جاري آهي. طوفاني هوائن سبب مختلف حادثن ۾ ٻه ماڻهو فوت ۽ چار زخمي ٿي پيا. برسات سبب جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي جا هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. تيز هوائن سبب سکر ۽ حيدرآباد سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جي فراهمي متاثر ٿي آهي.دادو ۾ مٽي جي طوفان سبب ڪيترائي وڻ ۽ بجلي جا پول ڪري پيا، طوفاني هوائن سبب مختلف حادثن ۾ پڊعيدن ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن ته ميهڙ ۾ چار ماڻهو زخمي ٿيا.ٻئي طرف پنجاب جي مختلف علائقن ۾ به برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، لاهور ۾ برسات پئي، جڏهن ته راجن پور، لوڌران، ڊي جي خان، بهاولپور ۽ رحيم يار خان ۾ برسات پئي.ان دوران ڪرڪ ۾ ٻوڏ ۾ ٻڏي وڃڻ سبب هڪ شخص فوت ۽ ٻيو گم ٿي ويو، درجنين رڍون ۽ ٻڪريون به ٻوڏ ۾ ٻڏي ويون.










