ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تڪراري ڪينال منصوبا رد ٿيڻ تي محترمه فريال ٽالپر سڄي قوم ۽ خاص طور تي سنڌ جي عوام کي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪيون آهن. محترمه فريال ٽالپر پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قائداڻن صلاحيتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جمھوري طريقي سان پنهنجي آواز بلند ڪرڻ ئي اصل واٽ آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي رهنمائي ۾ سنڌ سرڪار سدائين اصولن تي قائم رهي پنهنجي حق لا آواز اٿاريو آهي۔ محترمه فريال ٽالپر چيو ته اڄ سنڌ جي عوام جي استقامت هڪ نئين تاريخ لکندي آهي، ۽ سنڌ جي حق لاءِ اٿندڙ آواز پوري ملڪ جي محروم طبقي لاءِ اميد جو پيغام آهي۔ هن اھو عزم ورجايو ته پاڪستان پيپلز پارٽي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي رهنمائي ۾ هر محاذ تي عوامي حقن جي دفاع ڪندي رهندي










