اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌوءَ مان نون ڪينالن ڪڍڻ خلاف جاري احتجاجي تحريڪ باوجود انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) چولستان منصوبي کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ارسا سيڪريٽري پنجاب حڪومت کي پاڻي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب، ارسا جي منظوري کانپوءِ پنجاب حڪومت ستلج سليمانڪي هيڊ ورڪس مان چولستان ڪئنال ڪڍندي. ارسا اختيارين جو چوڻ آهي ته چولستان منصوبي لاءِ 4 لک 50 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي دستياب هوندو،ٻئي طرف سنڌ مان ارسا ميمبر احسان لغاري فيصلي تي اختلافي نوٽ لکيو آهي. ميمبر ارسا لکيو ته هو چولستان منصوبي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري ارسا جي منظوري سان متفق نه آهي. سيڪريٽري ارسا پاران پنجاب حڪومت کي پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ سنڌ سان ناانصافي آهي.ارسا سنڌ جي ميمبر وڌيڪ چيو ته چولستان منصوبي کي پاڻي فراهم ڪرڻ سان سنڌو درياءَ جي پاڻي جي سطح گهٽجي ويندي.سيڪريٽري ارسا پاران ذڪر ڪيل پاڻي جي دستيابي صرف ستلج درياءَ مان نه آهي؛ پاڻي سليمانڪي هيڊ ورڪس مان لنڪ ڪينال ذريعي ورتو ويندو.










