ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پنهنجي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ترجمان ۽ پبلڪ رليشنز آفيسر شڪيل ڊوگر موجب گذريل هڪ سال دوران سنڌ حڪومت جي ويزن ۽ بلديات واري صوبائي وزير سعيد غني جي حڪمن تي عمل ڪندي سنڌ جي سمورن غيرقانوني اڏاوتن کي ختم ڪرڻ لاءِ بنا ڪنهن فرق، بنا ڪنهن رڪاوٽ ۽ ديري جي وڏي پيماني تي ڪارروايون جاري رهيون. سال 2024ع دوران سنڌ جي 7 ضلعن سميت پوري سنڌ ۾ 1500 کان وڌيڪ غير قانوني اڏاوتن سميت ٻيا قانوني قدم عمل ۾ آندا ويا جيڪي هڪ سال ۾ غيرقانوني اڏاوتن جي خلاف ريڪارڊ ڪارروايون آهن. جنهن ۾ معزز عدالت جي حڪمن تي عملدرآمد ڪندي ڪيتريون ئي ڪارروايون پڻ شامل آهن، جڏهن ته 200 کان وڌيڪ عدالتي درخواستن جي پٽيشنز کي حل ڪيو ويو. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عبدالرشيد سولنگي غير قانوني اڏاوتن کي ختم ڪرڻ ۽ بحالي جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي زيرو ٽالرينس جي هدايتن تي سختي سان عمل ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان شفافيت کي برقرار رکڻ لاءِ غيرقانوني اڏاوتن ۾ ملوث ڪيترن ئي آفيسرن ۽ ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي معاملن ۾ جاچ پڙتال عمل جاري آهي جڏهن ته سال 2024 جي دوران تعميراتي ضابطن ۾ منصوبا بندي جي مطابق ڪار پارڪنگ جي بحالي سميت شهرين جي اهم ضرورتن کي نظر ۾ رکندي زيرو تعمير پروجيڪٽ سائٽس تي پروجيڪٽ جي لاڳاپيل مڪمل قانوني تفصيلن جي آگاهي لاءِ QR-CODE جي انسٽاليشن کي واضح طور تي لازمي بڻايو ويو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ترجمان موجب، هن سال جي مطابق 2652 جي تعداد ۾ پرائيويٽ پبلڪ سيل پروجيڪٽ، هائوسنگ اسڪيم، صنعتي، تجارتي ۽ رهائشي عمارتن جي منصوبن جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته صنعتي پلانز ۾ فيس ۾ ديري لڳڻ جي اضافي چارچز معاف ڪرڻ سميت هر قسم جي منصوبن جي سنگل ونڊو سان مقرر ڪيل وقت تي منظوري جي قدمن عوام ۽ ايس بي سي اي جي وچ اعتماد جي فضا کي بحال ڪيو آهي. ترجمان جو چوڻ ته ماهر تعميراتي انجنيئرن تي ٻڌل ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي خطرناڪ عمارتن جو سروي جاري آهي، رپورٽن مطابق ڪراچي ۾ هاڻي تائين 591، حيدرآباد ريجن ۾ 81، سکر ۾ 60، ميرپورخاص 07 ۽ لاڙڪاڻي ريجن ۾ 04، سميت ڪل 743 خطرناڪ عمارتن جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سال 2024 جي دوران ٽيڪنيڪل ڪميٽي پاران ڪراچي ۾ حادثاتي باهه کان متاثر عمارتن جي بروقت معائنو ۽ سروي رپورٽون پڻ تيار ڪيون ويون. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڊائريڪٽر جنرل جي خاص ڪوششن سان گريڊ 14 کان 18 تائين جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڊي پي سي جو ڪافي وقت کان جاري مسئلو شفاف طريقي سان حل ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ 72 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ترقيون ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته گذريل 4 سالن کان بند پيل حج اسڪيمن کي ٻيهر بحال ڪيو ويو ۽ سال 2024ع ۾ قرعه اندازي جي ذريعي چونڊيل 07 آفيسرن ۽ 10 ٻين ملازمن سميت مجموعي طور 17 ماڻهن کي حج لاءِ سمورو مڪمل سفر جو خرچ ڏنو ويو. ايس بي سي اي جي ترجمان موجب ڊپارٽمينٽ پنهنجي قدمن ذريعي شهرين جي خدمت ڪرڻ سان گڏ اميج کي بهتر بڻائڻ تي به توجه ڏني وئي ۽ ان سلسلي ۾ عملي مظاهرو ڪندي پرڏيهي سياحن تي شهر سان لاڳاپيل پهريون مثبت تاثر جي سلسلي ۾ ايسوسي ايشن آف بلڊرز اينڊ ڊيولپرز (آباد) ۽ ڊسٽرڪٽ انتظاميا جي مدد ۽ سهڪار سان شاهراهه فيصل تي واقع عمارتون ۽ روڊن جي ٻنهي بيوٽيفڪيشن ڪئي وئي جنهن کي شهرين پاران قابل تحسين عمل قرار ڏنو ويو. بيوٽيفڪيشن جي عمل کان متاثر شهرين جي درخواست تي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ به اهڙي قسم جي خوبصورتي جي منصوبابندي جو عمل جاري آهي.










