سنڌ اسيمبلي نئين مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ اسيمبلي نئين مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي نئين مالي سال 2025-26 جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ جي بجيٽ جو مقصد معاشي ترقي ۽ ٽيڪس جي بار کي گهٽائڻ آهي، مختلف روينيو چارجز ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي.سنڌ اسيمبلي نئين مالي سال 2025-26 جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. 13 جون تي سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس ٿيو جتي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ پيش ڪئي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ چيو ته ڪمرشل گاڏين تي ساليانو ٽيڪس گهٽائي صرف 1000 رپيا ڪيو ويو آهي، موٽرسائيڪل انشورنس هاڻي لازمي نه هوندي، هي ماڻهن لاءِ وڏو رليف آهي، 2018 کان وٺي وفاق کان هڪ به اسڪيم نه ملي هئي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بجيٽ هميشه تلخين سان ختم ٿيندي آهي، پر هن ڀيري اهو سٺي ماحول ۾ ختم ٿيو.وڏي وزير چيو ته آن لائن ٽيڪسي ۽ بس سروسز کي سستو ڪرڻ لاءِ ٽيڪس گهٽ ڪيا ويا آهن، ۽ 40 لک رپين تائين سالياني ٽرن اوور وارن ننڍن ڪاروبارن کي سيلز ٽيڪس کان مستثنيٰ ڪيو ويندو. هن چيو ته گاڏين جي ٽريڪرز، سيڪيورٽي ڪيمرا ۽ الارم سسٽم جهڙين سيڪيورٽي خدمتن تي 19.5 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. انٽرنيٽ، ٽيليفون سروسز، وائي فائي ۽ براڊ بينڊ ڪنيڪشن تي 19.5 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. گاڏين جي ٽرانزيڪشن تي 3 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. ريسٽورنٽ، هوٽلن، فارم هائوسز، ڪيب سروسز تي آن لائن ادائيگين ۽ مشروبات تي 8 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو، ۽ ڪرائي تي ڪار سروسز ۽ مال بردار گاڏين تي 8 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو