ڪراچي اولهه (رپورٽ : باغي ساگر پنھوار )سنڌي وسنديون بنيادي مئسلن جي ور چڙھي ويون، مڇرن جو آزار وڌي ويو ، ڪي اليڪٽرڪ جي ھٿرادو لوڊ شيڊنگ، سيورج سسٽم روڊ رستا تباھ ناليون ٽٽي پيون صفائي نه ھجڻ ڪري گندگي جا ڍير لڳي ويا، چونڊيل نمائندا غائب عوام پريشان، علائقي واسين ۽ قوم پرست تنظيمن پاران احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جي ڌمڪي، سنڌي ڳوٺن فقيراڳوٺ، گل ڳوٺ، ڌڻي بخش ڳوٺ جمالي ڳوٺ ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون آباديون ھن جديد دور ۾ بنيادي مسئلن جي ور چڙھيل علائقي واسي ڪاروباري طبقو پريشان ٿي ويا. ايس يو پي ضلع اولهه جي صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول چيو ته Ps 99 مان چونڊيل نمائندو حليم عادل شيخ جي حلقي ۾ جڳھه جڳهه روڊ رستا ناليون سيورج ٽٽڻ ڪري انساني زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي، جڏهن ته بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ نه ھجڻ ڪري ڪاروباري طبقو پريشان ۽ رات جو وري مڇرن جو آزار آهي. مڇر مار اسپري جو نه ڪرڻ ۽ سندس صفائي جو ڪو خاص انتظام نه ھئڻ ڪري عوام ٻٽي غذاب ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. سماجي رھنما مارڪيٽ ڪاميٽي فقيرا ڳوٺ جي اڳوڻي صدر بادل خان جتوئي، ٻڌايو ته ووٽن جي دوران نمائندن جي ڀرمار ۽ ھاڻ غائب عوام سان دوکي بازي آهي، ان چيو ته پي ٽي آء جي نمائندن جا ڪيل واعدا پورا نه ٿيڻ ۽ سڄو سسٽم ناڪارا ھجڻ ڪري ھاڻ عوام جو اعتماد ان ڪوڙن سياسي اڳواڻن کان کڄي چڪو آهي، سماجي رھنما بھار فائونڊيشن جي چيرمين محمد سچل وڌيو، چيو ته ڪراچي جي ڳوٺن سان حڪومت مخالفن جي حلقي سبب ماٽيلي ماء وارو سلوڪ رکڻ نا مناسب آھي، اسان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان جي ڳوٺن کي سھولتون ڏيئي جائز ۽ بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن، سينئر صحافي فاروق ڀنگوار چيو ته اسان جي حلقي ۾ مفادن جي جنگ آھي ھن يوسي جو پراڻو نالو يوسي 4 ڳجھڙو ملير آھي، ھن يوسي جي بدقسمتي اھا آھي ته ڪڏھن ھن يوسي کي ملير ۾ شامل ڪيو ويندو آھي ڪڏھن وري ايسٽ ۾ اڇلايو ويندو آھي، ھن يوسي ۾ بلدياتي نظام ۾ ھر وقت پيپلزپارٽي جي هٿ ۾ رھيو پر انصاف جي ڳالهه ڪجي تي ھن يوسي ۾ جيڪو ترقياتي ڪم ٿيو ته صرف سابقه يوسي ناظم مير اسماعيل بروھي جي دور ۾ ٿيو ان کان پوء پ پ ٽڪيٽ تي نا اھل يوسي چيرمين وائيس چيئرمين آيا جن صرف پنھنجا بڀ ڀريا، انھن جو ڪم صرف فوٽو سيشن رھيو آھي، ٻيو ته ھي علائقو لاوارث آھي ھن علائقي کي بدامني کان علاوه ڪجهه نه مليو، ھتي گڏيل آبادي جي ڪري ڪنھن جو به ڪو ڪنٽرول ڪونھي.










