سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم آريسر جو لانگ مارچ

سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم آريسر جو لانگ مارچ

نيو دمبالو (ن س) سنڌو درياءُ تان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم آريسر جو پيادل لانگ مارچ بلڙي شاھ ڪريم طرف روان دوان سکر کان ڪراچي تائين جاري جئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جو پيادل لانگ مارچ، جيڪو سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي تحريڪ طور شروع ڪيو ويو آهي، رات نائون ميل تي ترسڻ بعد هاڻي بلڙي شاھ ڪريم شهر طرف روان دوان ٿي ويو آهي. لانگ مارچ جي اڳواڻي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ جي مختلف علائقن مان قومپرست ڪارڪنن ۽ عام شهرين جي وڏي انگ ان احتجاجي مارچ ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. قافلو شام ڌاري بلڙي شاهه ڪريم پهچندو، جتي رات ترسڻ بعد سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن صبح جو پنهنجي منزل ڪراچي طرف روانو ٿيندو. واضح رهي ته سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي تي سنڌ واسين ۾ شديد ڳڻتي پکڙجي وئي آهي، ۽ قومپرست ڌريون ان کي سنڌ جي پاڻي تي وار قرار ڏئي رهيون آهن. جسقم آريسر جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياءَ جو پاڻي ڪنهن به صورت ۾ روڪڻ نه ڏينداسين ۽ سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي قبضي خلاف جدوجهد جاري رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو