نوان ڪئنال قومي وحدت تي وار قرار، روڊ ڪاروان جو اعلان

نوان ڪئنال قومي وحدت تي وار قرار، روڊ ڪاروان جو اعلان

ڪراچي/حيدرآباد (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌوءَ تي چولستان سميت نون ڪئنالن کي قومي وحدت تي وار قرار ۽ وفاق ۽ پنجاب جي سنڌ دشمن فيصلي خلاف جماعت اسلامي طرفان عيد کان پوءِ عوامي جاڳرتا لاءِ روڊ ڪاروان ڪڍڻ جڏھن تہ ٻئي جمعي تي دستخطي مھم جو اعلان ڪندي چيو آھي ته ڪئنالن واري مامري تي سنڌ جي ڀرپور احتجاج ۽ مزاحمت جي باوجود حڪمرانن جي ضد ۽ ھٽ ڌرمي ملڪ کي ڪنھن نئين بحران جي ور چاڙهي سگھي ٿي. ڪي پي ۽ بلوچستان جي صورتحال بعد سنڌ کي بہ بغاوت تي مجبو ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ڪنھن ھڪ نہ پر چئني صوبن جو نالو آھي. حڪمرانن کي ھاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو تہ چولستان ڪئنال کپي يا پاڪستان.پيپلزپارٽيءَ سنڌ جي حقن جي سودي بازي ڪري عوام جي مينڊيٽ جي توھين ڪئي آھي. ارسا ائيڪٽ ۾ ترميم ڪارونجھر جي ڪور کان ويندي ڪئنالن تائين سندن ڪردار سھولتڪاري وارو رھيو آھي. عوام 300يونٽ بجلي فري ڏيڻ وارن دعوائن کان وٺي ڪئنالن تائين پ پ قيادت سنڌ جي عوام سان ڪوڙ ڳالهائي ويساهه گهاتي ڪئي آھي جيڪا ھاڻي صادق ۽ امين ناھي رھي. عوامي ۽ جمھوريت جي دعويدار پارٽي جي دور حڪومت ۾ ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاج ڪندڙ بلوچ نياڻين تي بدترين تشدد ۽ گرفتاريون قابل مذمت ۽ پيپلزپارٽي حڪومت جو شرمناڪ ڪردار آھي. طاقت ۽ اَمراڻو ڪردار ملڪ دشمني برابر آھي.ڇوتہ ان عمل سان بلوچ عوام ۾ محروميون ۽ نفرت وڌندي.ھر مسئلي جو حل ڳالهين ۾ آھي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن مرڪز تبليغ اسلام ۾ صحافين جي مان ۾ ڏنل دعوت افطار ڊنر ۾ خطاب ڪندي ڪيو.جنھن ۾ پريس ڪلب جي عھديدارن سميت اديبن دانشورن ،پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا سان لاڳاپيل صحافي وڏي تعداد ۾ شريڪ ھئا. سنڌ جي امير جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ سنڌو تي ڪئنال اڏڻ واري رٿا خلاف پيپلزپارٽي جو احتجاج فيس سيونگ ۽ سنڌ جي ھر شعبي سان لاڳاپيل عوام جي ڀرپور احتجاج جو نتيجو آھي. ايوان صدر ۾ ويٺل پ پ صدر پاڻ ڪئنالن جي منظوريءَ ۽ ڪم شروع ڪري تيزي ڏيکارڻ جو حڪم جاري ڪيو جيڪو دستاويزي رڪارڊ جو حصو آھي وري پارليامنيٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وفاق کان فيصلو واپس وٺڻ جي گھر توڙي سنڌ ۾ احتاج پ پ جي ٻٽي ۽ منافقاڻي پاليسي جي عڪاسي آھي. سنڌ جو ٻچو ٻچو پنھنجي وسيلن توڙي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي جي حفاظت ڪندو ڇو تہ ھي صرف سنڌوءَ جي پاڻي جو نہ پر سنڌ جي مستقل تھذيب ثقافت ۽ بقاءَ جو مسئلو آھي.سنڌ جو عوام سڄاڳ ٿي چڪو آھي. انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نہ ڇڏڻ ڪري سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي جڏھن تہ درياه جي ڪناري آباد سکر،حيدرآباد سميت ڪيترن ئي شھرن جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پڻ سخت پريشان آھن. اھڙي صورتحال ۾ سنڌوءَ مٿان ڪئنال سنڌ کي تباھ ڪرڻ جي سازش آھي جنھن خلاف سنڌ جو ھر باشعور ماڻھو ميدان ۾ آھي.موسميات کاتي طرفان پن ڪراچي، جيڪب آباد ،لاڙڪاڻو، سکرسميت سنڌ جي 15 ضلعن ۾ ڏڪار جو الرٽ جاري ڪيو ويو آھي جيڪا انتھائي ڳڻتي جوڳي ڳالھ آهي. پاڻي وانگر اين ايف سي ايوارڊ گيس پيٽرول ڪارونجهر سميت سنڌ جي وسيلن ۽ دنگن جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت آھي.ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، امير ضلع حيدرآباد حافظ طاھر مجيد، صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاھد چنا۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري حميد الرحمان پڻ خطاب ڪيو. جڏھن تہ صوبائي اڳواڻ سھيل احمد شارق الطاف احمد ملاح،زاھد حسين راجپر، محمد حنيف شيخ، سينئر صحافي علي حسن محمد شاھد شيخ ۽ ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ گڏ موجود ھئا.ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تہ حڪومت ۾ ويٺل ماڻھو احتجاج نہ پر ايڪشن کڻندا آھن. احتجاج ۽ اقتدار ٻئي گڏ نٿا ھلي سگھن. جيڪڏهن پ پ سمجھي ٿي تہ جھڙي طرح ان کي اقتدار ۾ آندو ويو آھي ۽ ڳالھ نہ ٿي ٻڌي وڃي تہ پوءِ کيس بنا ڪنھن دير جي سھولتڪاري وارو ڪردار ڇڏي وفاق ۽ صوبن جي اقتدار مان الڳ ٿيڻ گھرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو