ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ، اطلاعات کاتي جو هڪ اهم اجلاس ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪنٽينٽ اينڊ پروڊڪشن ريويو بورڊ جي منظور ٿيل منصوبن کي وقت سر مڪمل ٿيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان سمعتا افضال سيد، سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، سليم خان، ڊائريڪٽر پي اينڊ ڊي (انفرميشن) معيز پيرزاده، ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميڊيا عزيز ھڪڙو، ۽ ڊائريڪٽر فلمز حزب الله ميمڻ شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران، ڪنٽينٽ اينڊ پروڊڪشن ريويو بورڊ جي منظور ٿيل منصوبن، سنڌ سرڪار جي اهم قدمن جي تشهير ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪنٽينٽ اينڊ پروڊڪشن ريويو بورڊ جي منظور ٿيل منصوبن ۽ انهن لاءِ مواد جي تياري جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي قدمن جو مقصد سينيما جي صنعت کي ھٿي وٺرائڻ، اداڪاري، ڳائڻ، هدايتڪاري سميت فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل سمورن شعبن ۾ نئين ٽيلنٽ لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ يقيني بڻائڻ آهي، جنهن سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن هدايتون ڏنيون ته سمورا منصوبا مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيا وڃن ۽ ڪنهن به غير ضروري دير کان پاسو ڪيو وڃي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار هي منصوبا عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجن قدمن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ شروع ڪري رهي آهي، سڀئي لاڳاپيل عملدار يقيني بڻائين ته اهي منصوبا اعليٰ معيار ۽ شفافيت سان مقرر وقت اندر مڪمل ٿين. هن وڌيڪ چيو ته حڪومتي قدمن جي تشهير ۽ عوامي آگاهي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تي عمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام سنڌ حڪومت جي ڪوششن کان چڱيءَ طرح واقف رهي.










