ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي، ترقي ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊس پيچ ڪمپني (ايس ٽي ڊي سي) جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توانائي شعبي سان لاڳاپيل اهم منصوبن جو جائزو ورتو ويو. ايس ٽي ڊي سي جي سي اي او سليم شيخ اجلاس کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي جاري منصوبن جي پيش رفت کان آگاهه ڪيو. سنڌ جي توانائي واري وزير چيو ته سستي بجلي جي فراهمي لاءِ ايس ٽي ڊي سي اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن سان نه رڳو عام صارفين کي رليف ملندو پر صنعتن کي به فائدو پهچندو. هن وڌيڪ چيو ته صنعتي علائقن ۾ بلا تعطل بجلي جي فراهمي لاءِ ايس ٽي ڊي سي مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن سان صنعتڪارن کي رليف ملندو ۽ معيشت کي استحڪام ملندو. ناصر حسين شاهه اجلاس ۾ ٻڌايو ته ڪي فور واٽر پروجيڪٽ ۾ بجلي جي فراهمي لاءِ ايس ٽي ڊي سي واٽر ڪارپوريشن سان گڏجي ذميواريون ادا ڪندي، جڏهن ته ڪي فور منصوبي تحت گرڊ ۽ ٽرانسميشن لائن جون 2026 تائين مڪمل ڪئي ويندي. هن چيو ته نوري آباد پاور پلانٽ مان 100 ميگاواٽ بجلي جي ترسيل 24 ڪلاڪ جاري آهي، ۽ ايس ٽي ڊي سي ڪي فور ٽرانسميشن لائن ذريعي ڪي اليڪٽرڪ کي به چوبيس ڪلاڪ بجلي فراهم ڪري رهي آهي. وزير توانائي نوري آباد ٽرانسميشن لائن جي ڪارڪردگي کي به تسلي بخش قرار ڏنو. اجلاس ۾ توانائي سيڪريٽري مشتاق سومرو، ايس ٽي ڊي سي جي سي اي او سليم شيخ، عمر نواز شيخ، سجاد جونيجو، طارق سعيد ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ان کان علاوه، اجلاس ۾ ايس ٽي ڊي سي جي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جي به منظوري ڏني وئي. وزير توانائي هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت جي پاليسي مطابق ننڍي گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي جڏهن ته آفيسرن جي پگهارن ۾ نسبتاً گهٽ اضافو ڪيو وڃي، ته جيئن گهٽ آمدني وارن ملازمن کي وڌيڪ رليف ملي سگهي. سنڌ جي توانائي واري وزير ايس ٽي ڊي سي جي آفيسرن کي پنهنجي صلاحيتن ۽ ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي هدايت پڻ ڏني.










