لنڊن(ويب ڊيسڪ)2016 ۾ 17,000 کان وڌيڪ سولر پينلز سان گڏ هڪ عجيب طرح سان ٺهيل هوائي جهاز ظاهر ڪيو ويو، ان جي پرن جي ڊيگهه بوئنگ 747 جي برابر هئي پر ان جو وزن هڪ SUV جي ويجهو هو. جهاز ٻارڻ جو هڪ قطرو استعمال ڪرڻ کان سواءِ زمين جي چوڌاري ڦري ٿو. ان کي سولر امپلس 2 جو نالو ڏنو ويو، جيڪو سوئس شهرين Bertrand Packard ۽ Bertrand Borisberg پاران تيار ڪيو ويو. جهاز 2019 ۾ هڪ ڪمپني Skyweller Aero طرفان خريد ڪيو ويو هو، جنهن کي ڪمرشل سيٽلائيٽ طور استعمال ڪيو ويندو. اسڪائي ويلر جي سي اي او رابرٽ ملر موجب جهاز هوا ۾ اڻڄاتل مدي تائين يعني 30، 60، 90 ڏينهن يا هڪ سال رهي سگهي ٿو ۽ اهڙو جهاز اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو جيڪو سيٽلائيٽ ڪندو آهي يعني ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ ارٿ اميجنگ وغيره،اهڙين خدمتن لاءِ جهاز استعمال ڪرڻ سستو هوندو ڇو ته سيٽلائيٽ ٺاهڻ جي قيمت تمام گهڻي هوندي آهي ۽ اهي راڪيٽ ذريعي مدار ڏانهن موڪليا ويندا آهن. سيٽلائيٽ جي زندگي پڻ محدود آهي ڇاڪاڻ ته اهي وقت سان گڏ خلائي ملبي جو حصو بڻجي ويندا آهن. سولر امپلس 2 خريد ڪرڻ کان پوءِ، اسڪائي ويلر ڪيترائي مهينا گذاريا ان جي ڊيزائن کي بهتر ڪرڻ ۽ پوءِ ان کي پهريون ڀيرو نومبر 2020 ۾ لانچ ڪيو.










