سانگهڙ (ن س )سانگهڙ ۾ شيخ ۽ کهور خاني برادري جي ٻارن ۾ معمولي تڪرار ۾ 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا.پوليس موجب، واقعو سانگهڙ جي علائقي سنجهورو ۾ پيش آيو، جتي شيخ ۽ کهور خاني برادري جي وچ ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تي جهيڙو ٿيو.پوليس جو چوڻ آهي ته تڪرار ايتري قدر وڌي ويو جو ٻنهي پاسن کان 10 ماڻهو فائرنگ ۽ ڪُهاڙي جي حملي ۾ زخمي ٿي پيا. پوليس موجب زخمين کي مقامي ۽ نوابشاهه اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جهيڙي ۾ شيخ برادري جا ست ۽ کهور خاني گروپ جا ٽي ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ پي پي پي ڪائونسلر حنيف شيخ ۽ پي پي پي سٽي جنرل سيڪريٽري رئيس گلاب خان خورخاني شامل آهن.










