سانگهڙ: (ن س) سانگهڙ ڀرسان رواتياڻي ۾ تيز رفتار بس جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻه ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو.حادثي جي اطلاع تي علائقي واسين پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمي کي سانگهڙ سول آندو جتي فوتين جي سڃاڻپ جمڙائو واسي سومر طور ۽ ميوو ڀيل طور ٿي آهي. هوڏانهن زخمين مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين نوابشاه ريفر ڪيو ويو آهي، فوتي ٻن ڄڻن جا مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.واقعي جي اطلاع تي فوتين جي گهرن ۾ قهرام متل آهي حادثي جي اطلاع تي پوليس پهڇي بس کي تعويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته بس ڊرائيور حادثي بعد فرار ٿي ويو آهي.










