لنڊن (ويب ڊيسڪ) عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا جي معيشت کي ڪافي نقصان پهتو آهي جڏهن ته ڪيترائي ڪاروبار به ٺپ ٿي ويا آهن پر ان دوران ڪورين ٽيڪنالوجي ڪمپني سام سنگ کي ڪيترن سالن کان پوءِ وڌيڪ منافعو ٿيو آهي. ڪورين ٽيڪنالاجي ڪمپني سام سنگ کي عالمي مارڪيٽ ۾ 6 سالن جي دوران سڀني کان وڌيڪ منافعو ٿيو آهي ۽ سام سنگ منافعي ۾ ڪيترين ئي وڏين ڪمپنين کي به پوئتي ڇڏي ڏنو. هلندڙ سال جي ٽئين مهيني ۾ سام سنگ کي 32.6 سيڪڙو منافعو ٿيو جڏهن ته ڪمپني کي 2019 ۾ انهن ٽن مهينن دوران 18.8 سيڪڙو منافعو ٿيو هو. سام سنگ کي هلندڙ سال 32.6 سيڪڙو جو اضافو گذريل 6 سالن ۾ سڀني کان وڌيڪ منافعو سمجهيو پيو وڃي. ڪورين ڪمپني موجب ماضي ۾ کيس سڀني کان وڌيڪ منافعو 2014 جي ٻئي مهيني ۾ ٿيو هو جيڪو 37.9 سيڪڙو هو.










