سام سنگ سستو ۽ ”ٽو اِن وَن“ ليپ ٽاپ متعارف ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سام سنگ پنهنجو نئون ۽ گهٽ قيمت وارو 2 ان ون ليپ ٽاپ گليڪسي بُڪ فليڪس الفا متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. سنهڙو ۽ هلي وزن جو 13.3 انچ اسڪرين وارو اهو ليپ ٽاپ ڪيو ايل اي ڊي ڊسپلي سان ليس آهي جيڪو 2020 جي پهرين 6 ماهي دوران صارفين لاءِ دستياب هوندو. اهو ليپ ٽاپ لاس ويگاس ۾ 7 جنوري کان شيڊول ڪنزيومر اليڪٽرانڪس شو جي آغاز کان اڳ متعارف ڪرايا ويا آهن ۽ ان کي ان ٽيڪنالوجي نمائش ۾ رکيو ويندو. ڪمپني مطابق بهتر پاور سيونگز سان گڏ آئوٽ ڊور موڊ به ڏنو ويو آهي ۽ ان ۾ ڪمپني جي فليگ شپ ليپ ٽاس واري ٽيڪنالوجي ڏني وئي آهي جيڪو برائٽنيس جي پيمائش ۽ فل ايڇ ڊي تي ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. ليپ ٽاپ جو وزن 1.19 ڪلو گرام آهي جڏهن ته ان ۾ فنگر پرنٽ سنسر ڪي بورڊ ۾ ڏنو ويو آهي ته جيئن صارفين کي لاگ آن ۾ آساني ٿي سگهي. ان کان علاوهه 2 يو ايس بي 3.0 جيڪ، هڪ يو ايس بي سي ساڪٽ، هڪ ايڇ ڊي ايم آءِ سلاٽ ۽ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ ريڊر ۽ هيڊفون جيڪ به موجود آهي. ليپ ٽاپ ۾ انٽيل 10 جنريشن ڪور پراسيسر، 8 کان 12 جي بي ريم، 256 کان 512 جي بي اسٽوريج جا آپشن ڏنا ويا آهن جڏهن ته سنگل چارج تي بيٽري 17 ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪم ڪري سگهندي. گهٽ ۾ گهٽ ڪمپني جي اها دعويٰ آهي ته يو ايس بي سي فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان ان کي جلد چارج به ڪري سگهجي ٿو. ان ليپ ٽاپ ۾ واءِ فاءِ سڪس سپورٽ به ڏني وئي آهي ۽ اسٽيريو اسپيڪر به ڏنا ويا آه. سام سنگ طرفان فليگ شپ ليپ ٽاپ گليڪسي بڪ آئيون ۽ فليڪس جي قيمت يا دستيابي جي واضح تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو پر ان جو چوڻ آهي ته گليڪسي بڪ فليڪس الفا فليگ شپ ليپ ٽاپ کان سستو هوندو ۽ ان جي قيمت 830 ڊالر هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو