ڪشمور(جي ايم کوسو) ساريالي فصل کي کس، پاپڙ، پن ويڙھ، ڏانڍي جو جيت، ڪارو ۽ سائو مهلو سميت ٻين بيمارين وڪوڙي ورتو جنهن سبب فصل کي نقصان ۽ اُپت گهٽجڻ ڪري آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن. ان سلسلي ۾ ايگريڪلچر زرعي توسيع کاتي جي ذريعن مان مليل ڄاڻ موجب ڪشمور ضلعي ۾ نهري پاڻي تي 202620 ايڪڙ تي ساريالو فصل پوکيو ويو آهي، جڏهن ته ڪچي جي زمينن تي پوکي ٿيندڙ ڪنهن به فصل جو ڪو رڪارڊ موجود ناهي. في ايڪڙ 45 مڻ اپت ڏئي ٿو، انهي حصاب سان ڪشمور ضلعي ۾ ساريالو فصل 91لک 17 هزار 900 مڻ پيداوار ٿئي ٿو. ضلعي ۾ هڪ ايڊيشنل ڊائريڪٽر، 4 ڊپٽي ڊائريڪٽر 9 سرڪلن مان هر هڪ سرڪل ۾ هڪ ايگريڪلچر آفيسر جڏهن ته 3 تعلقن ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواڻي ۾ 47 فيلڊ اسسٽنٽ جون پوسٽون آهن، ڄاڻايل پوسٽن مان ڊپٽي ڊائريڪٽر جون 4، ايگريڪلچر آفيسر جون 9 جڏهن ته فيلڊاسسٽنٽ جون 5 پوسٽون گذريل 2 سالن کان خالي پيل آهن. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سنڌ آبادگار بورڊ ڪشمور جي اڳواڻن عبدالستار کوسو، عبدالله مزاري، رئيس واحد بخش چاچڙ، حاڪم جکراڻي ۽ ٻين سنڌيار کي ٻڌايو ته زراعت کاتي پاران ضلعي ڪشمور جي اهم پوسٽن تي آفيسر مقرر نه ڪيا آهن، جنهن ڪري مقامي آبادگارن ۽ هارين کي سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، موجوده عالمي ماحولياتي تبديلين جي ڪري فصلن جي اپت ۾ به فرق اچي رهيو آهي.

هارين ۽ آبادگارن کي فصل پوکڻ لاءِ وقت جو تعين ڪرڻ، ٻج جي جنس بابت ڄاڻ، ڪميائي ڀاڻ جو وقت سر استعمال ڪرڻ، زهريلي دوائن بابت ڄاڻ نه هئڻ، مٽي ۽ پاڻي جو چڪاس نه ٿيڻ ڪري فصل جي اپت ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندي پئي وڃي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته پنجاب مان آيل ڪجھ گروھ نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ زهريلي دوائون ٺاهي ڊيلرن سان ملي ڀڳت ڪري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، ڪجھ ڏينهن اڳ آبادگارن جي نشاندهي تي ڪشمور پوليس هڪ سيلر تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ نقلي زهريلي دوائون هٿ ڪري 3 ڄڻن کي گرفتار ته ڪيو پر جاچ کي اڳتي وڌائي مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران ڏيتي ليتي ڪري ڪيس جو حتمي چالان ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. هڪ طرف زراعت کاتي ۾ عملي جي کوٽ، بي انتها ڪرپشن جي ڪري فصل جي اپت وڌڻ بدران گهٽ ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف نقلي ٻج جي آزار سبب ساريالي فصل کي کس، پاپڙ، پن ويڙھ، ڏانڊي جو جيت، ڪارو ۽ سائو محلو جي بيمارين حملو ڪيو آهي، زراعت کاتي ۾ پوليس ۽ روينيو کاتي کان به وڌيڪ ڪرپشن ۽ اقرباپروري آهي، سنڌ جي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي، جيڪڏهن زراعت کاتي ۾ سڌارا نه آندا ويا ته سنڌ جي معيشت پٺتي پئجي ويندي. هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ڪشمور ۾ زراعت کاتي ۾ سڌارا آندا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. هوڏانهن ان سلسلي ۾ بار بار رابطو ڪرڻ باوجود ايڊيشنل ڊائريڪٽر سان رابطو نه ٿي سگهيو.










