زرداري جي طبيعت خراب آهي، ذاتي معالج جي سهولت ڏيو، کوسه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آصف علي زرداري جي طبيعت خراب آهي ۽ ڊاڪٽرن جي مشوري تي نيب کيس عدالت ۾ پيش نه ڪيو. اهڙو اظهار سندس وڪيل لطيف کوسو پنهنجي ويڊيو بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته سرڪاري ڊاڪٽر آصف زرداري جي ٽيسٽن ۽ علاج بابت ڪا معلومات شيئر نٿا ڪن اسين عدالت کان انصاف ۽ پنهنجو حق ٿا گهرون ته سندس ذاتي معالجن کي ميڊيڪل بورڊ ۾ سامل ڪيو وڃي. ڇو ته سندس ذاتي معالج هن جو ڪيتري عرصي کان علاج ڪن ٿا هو ميديڪل هسٽري کان واقف آهن. هن چيو ته سرڪاري وڪيل چيو ته حڪومت کي درخواست ڏيو رليف لاءِ، هن چيو ته مان واضح ٿو ڪريان ذوالفقار ڀٽو به حڪومت کي رليف لاءِ درخواست نه ڏني هئي ۽ زارداري هن جو ناٺي آهي ۽ ڪڏهن به حڪومت کي درخواست نه ڪندو، اسين عدالت کان پنهنجو حق گهرون ٿا. هن ٻڌايو ته ان مان اندازو ڪريو ته هو اسپتال مان عدالت اچڻ جهڙو به ناهي رهيو، هن جي شگر مسلسل گهٽ رهي ٿي، دل جي نس بلاڪ آهي، ڪرنگهي جي هڏي ۽ ڪنڌ ۾ به تڪليف آهي، کيس ذاتي معالج جي سهولت فوري طور مهيا ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو