ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ريڊ لائن بي آر ٽي رٿا تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ ھڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ٽرانس ڪراچي جي سي اي او فواد غفار سومرو، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي نمائندن، رٿا جي ڪانٽريڪٽرز، انجنيئرز ۽ ٽرانس ڪراچي جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي رٿا جي ڪم جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. رٿا ۾ درپيش مسئلن تي تفصيلي گفتگص ڪئي وئي. اجلاس ۾ لاٽ ٿري، ڊيپوز جي ڊزائن، بايو گيس پلانٽ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.اجلاس کي ٻڌايو ويو تھ ڪي فور واٽر پروجيڪٽ جي آگمنٽيشن ۽ ڪيترين ئي ڪمپنين پاران يوٽيلٽيز جي منتقلي پروجيڪٽ ۾ درپيش اھم ترين مسئلا آھن. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ريڊ لائن بي آر ٽي، جديد، ماحول دوست ۽ جٽادار پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام ڏانھن ھڪ تاريخي قدم آھي، سمورا لاڳاپيل اسٽيڪ ھولڊرز ڪم ۾ ٻيڻي تيزي آڻن، گھڻي کان گھڻا وسيلا ميدان ۾ لاھن ۽ رٿا کي جلد کان جلد مڪمل ڪن. ھن چيو تھ ريڊ لائن بي آر ٽي رڳو ٽرانسپورٽ جو منصوبو ناھي، پر ڪراچي جي عوام سان ھڪ بھتر، صاف سٿري ۽ رسائي جوڳي شھري مستقبل جو واعدو آھي، يوٽيلٽيز جي منتقلي سميت ٻين اشوز جي حل لاءِ قدم کنيا ويا آھن. اجلاس ۾ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي نمائندن بھ پنھنجي مڪمل سھڪار جي خاطري ڪرائي.










